سير ڪوهستان

سير ڪوهستان

سير ڪوهستان

سير ڪوهستان (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ڪوهستان جي سير تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪوهستان جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻيءَ، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت تي روشني وڌي وئي آهي. ڪتاب جو مصنف الهه بچايو يار محمد سمون آهي. ڪتاب ۾ ڪوهستان جي رهاڪن جي باري ۾ مصنف لکي ٿو ته، ”هتي جا ماڻهو پنهنجي هرهڪ ضرورت جا موجد پاڻ آهن آهن، مصنف، حڪيم، فيلسوف، شاعر، سگهڙ، سالڪ ۽ هنرمند آهن، جيتوڻيڪ سنڌي مصنف ڀائرن مان ڪيترن ئي سنڌي زبان وساري ڇڏي آهي، جا اڄ تائين ڪوهستان جا غريب، غارن ۽ چرن ۾ ڳالهائي رهيا آهن، ڪوشش ڪري اها سنڌي جنهن سان شاهه ڀٽائي پنهنجي رسالي کي جڙي ڇڏيو آهي ۽ عام جي اڳيان پيش ڪئي وئي آهي، نه فقط ايترو، پر اهي لفظ، جملا ۽ اصطلاح سعيو ڪري اصلوڪي صورت ۾ استعمال ڪيا ويا آهن، جن مان سندن هوشياريءَ جي پروڙ پوي ٿي.“ ڪتاب جي آخر ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ پڻ ڏني وئي آهي.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1942ع ۾ سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ، ڪراچيءَ (موجوده سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري) ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 1953ع، ٽيون ڇاپو 1955ع ۾، چوٿون ڇاپو 1959ع ۾، پنجون ڇاپو 1971ع ۾ ۽ ڇهون ڇاپو 1982ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ڪتاب جو ڇهون ڇاپو، ڊيمي سائيز جي 134 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 30 روپيا آهي.


لفظ سير ڪوهستانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو